قائم شڪارپوري

قائم شڪارپوري: حاجي قائم شڪارپوري نقشبندي طريقي جو بزرگ ٿي گذريو آهي. هن فارسيءَ ۾ شاعري به ڪئي آهي. هن بزرگ ابتدائي تعليم فقير الله علويءَ جي مدرسي مان پرائي ۽ ان جو مريد ٿيو. حاجي قائم شڪارپور شهر جي واکاڻ ۾ هڪ طويل قصيدو لکيو، جيڪو گهڻو مشهور ٿيو. ان قصيدي ۾ صوفي شاهه عنايت جي تحريڪ جي ڪٽر مخالف فقير الله علويءَ جي شان ۾ تعريف ڪئي وئي آهي. هي بزرگ طبيعت ۽ مزاج ۾ سادو هو. حاجي قائم شڪارپوري 1171هه/1757ع ڌاري وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو